برسلز – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار برسلز ۾ نيوڪليئر انرجي سمٽ جي م??قعي تي نيشنل اٽامڪ انرجي ا??جنسي (آءِ اي ا?? اي) جي ڊائريڪٽر ج??رل رافيل ماريانو گروسي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال کي وڌائڻ ۽ پهرين ائٽمي توانائي سمٽ منعقد ڪرڻ جي لاءِ آءِ اي ا?? اي جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته باني م??مبر جي حيثيت سان پاڪستان ايجنسي جي ڪم کي تمام گهڻي ا??ميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير موسمياتي تبديلين کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ ائٽمي توانائي جي ا??ميت ۽ توانائي مڪس ۾ ائٽمي توانائي جو حصو وڌائڻ جي پاڪستان جي خواهش کي پڻ اجاگر ڪيو. هن ايجنسي جي فني تعاون جي ڪم جي ا??ميت جو پڻ ذڪر ڪيو جنهن ۾ پاڪستان به اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي مالياتي ادارن ۽ بئنڪن کي اسرندڙ ملڪن ۾ ائٽمي توانائي جي م??صوبن جي حمايت ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي پنهنجي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهن ۽ زيرو اخراج جا هدف حاصل ڪري سگهن. هن آءِ اي ا?? اي تي زور ڏنو ته اها هڪ صاف ذريعي جي طور تي ائٽمي توانائي جي ا??ميت بابت دنيا کي آگاهه ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار جاري رکي. ڊائريڪٽر ج??رل آءِ اي ا?? اي ا??جنسي سان پاڪستان جي تعاون کي ساراهيندي چيو ته ايشيا ۾ پاڪستان اسرندڙ ملڪن سان تجربي ۽ مهارت جي م??اسٽا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته ائٽمي م??صوبن جي مالي مدد هڪ مسئلو آهي ۽ هو جلد ئي ا?? مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. ڊائريڪٽر ج??رل آءِ اي ا?? اي گذريل سال پنهنجي پاڪستان جي دوري کي ياد ڪيو، جڏهن کيس پاڪستان جي ٺڪاڻن جو دورو ڪرڻ ۽ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال ??ي م??دان ۾ پاڪستان جي ترقي جو مشاهدو ڪرڻ جو موقعو مليو.