اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم تائين آسان پهچ کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، سمورين معاشي مشڪلاتن جي ب??وجود هائير ايجوڪيشن جي حوالي سا?? مالي ضرورتن کي پورو ڪيو ويندو، ناڻي واري وزارت هائير ايجوڪيشن لاءِ مختص فنڊن جي بنا رنڊڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هايئر ايجوڪيشن بابت معاملن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدار?? ڪندي ڪيو.