اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي جي عوام کي صاف پاڻي جي فراهمي، سيوريج، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ، نالن جي صفائي ۽ ٽرانسپورٽ جي حوالي سان بي ش??ار مسئلا درپيش آهن، ماضي ۾ انهن مسئلن جي حل کي نظر انداز ڪيو ويندو رهيو، تازين ??رساتن انتظامي ڍانچي جي مسئلن کي اجاگر ڪيو جنهن جي وفاقي حڪومت کي مڪمل ڄاڻ آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ”ڪراچي ٽرانسفارميشن پل??ن“ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، سينيٽر شبلي فرا??، سيد امين ??لحق، سيد علي حيدر رضوي، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل (وڊيو لنڪ)، اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل ۽ لاڳاپيل کاتن جا سيڪريٽريز شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ ڪراچي جي پراڻي مسئلن جي حل جي حوالي سان جامع منصوبي ”ڪراچي ٽرانسفارميشن پل??ن“ جو جائزو ورتو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته صاف پاڻي جي فراهمي، سيوريج، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ، نالن جي صفائي ۽ ٽرانسپورٽ جي حوالي سان ڪراچي جي عوام کي بي ش??ار مسئلا درپيش آهن، بدقسمتي سان ماضي ۾ انهن مسئلن جي مستقل بنيادن تي حل کي نظر انداز ڪيو ويندو رهيو، هن چيو ته تازين ??رساتن جتي انتظامي ڍانچي جي مسئلن کي اجاگر ڪيو اتي ڪراچي جي عوام کي تمام گهڻن مسئلن جي ور چاڙهيو آهي، جنهن جي وفاقي حڪومت کي مڪمل ڄاڻ آهي.