اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته ملڪي معيشت کي مٿي کڻڻ لاءِ نوجوانن کي اسٽيڪ هولڊر بڻائڻو پوندو، ڪامياب جوان ??روگرام جي پاڻ مانيٽرنگ ڪري رهيو آهيان، رقم جي ورهاست جو عمل وڌيڪ تيز ۽ شفاف انداز ۾ مڪمل ??يو وڃي، ڪورونا وائرس جي وبا ??ي ملڪي معيشت تي منفي اثر ختم ڪرڻ لاءِ اهو پروگرام تمام گهڻو ضروري آهي. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم خاص مددگار عثمان ڊار ۽ ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ سان ڳالهائيندي ??يو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي ڪامياب جوان ??روگرام جي تازه ترين انگن اکرن تي بريفنگ ڏني وئي ۽ پروگرام تحت نوجوانن ۾ رقم ورهائڻ جي عمل کي تيز ڪرڻ تي مشاورت به ڪئي وئي.