اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) من??وب??بندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪراچي اسان جو آهي ۽ ڪراچي کانسواءِ پاڪستان نه آهي، ڪرا??ي ۾ بجلي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ وفاقي حڪومت هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڪرا??ي ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي معاملن تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڊگهي بحث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته ايوان ۾ لفظن جي چونڊ ??نا??ب هجڻ گهرجي، منهنجي سنڌ حڪومت کي درخواست آهي ته اسلم خان جي گهر تي فائرنگ جي واقعي جو نوٽيس وٺي، هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري مسلم ليگ (ق) جي دور ۾ ٿي، پنج سال پيپلزپارٽي جي حڪومت رهي ۽ پيپلزپارٽي جو بجلي وارو وزير راجا پرويز اشرف جيڪو هن ايوان ۾ موجود آهي، هن ڪي اليڪٽرڪ ۾ مجرماڻيون ڪاررواين کي ڇو نه پڪڙيو، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي بجلي واري وزير خواجه آصف به هتي آهي، هن ايڪشن ڇو نه کنيو.