اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي گادي و??ري شهر اسلام آباد ۾ چار وڏن ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي. پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب خميس تي منعقد ٿي، وزيراعظم جن منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو انهن ۾ راول ڊيم چوڪ انٽرچينج، ڪورنگ پ??، پي ڊبليو ڊي انٽرچينج ۽ سيڪٽر آءِ 15 ۾ ترقياتي ڪمن جو پهريون مرحلو شامل آهن.