اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) ڪ??بي??ا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) وزيراعظم جي رليف پئڪيج تحت يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي لاءِ اعلان ڪيل 50 ارب رپين جي منظوري سميت وڌيڪ 6 ضمني گرانٽس جي منظو??ي ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ڪ??بي??ا ڊويزن ۾ وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين ??اري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڇهن ضمني گرانٽس جي منظو??ي ڏني وئي، وزيراعظم يوٿ لون اسڪيم تي عملدرآمد ڪندڙ ايجنسين جي لاءِ هلندڙ مالي سال جي لاءِ 84 ڪروڙ 20 لک رپيا، پاڪستان نيوڪليئر ريگيوليٽري اٿارٽي جي لاءِ 90.459 ملين رپيا ۽ پنجاب رينجرز جي لاءِ 5 ملين رپين جي ضمني گرانٽس جي منظو??ي ڏني وئي، پنجاب رينجرز جي لاءِ 5 ملين رپين جي ضمني گرانٽس سان دفاع واري وزارت هيلي ڪاپٽر جي مرمت لاءِ وڌيڪ پرزا خريد ڪندي.