اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ بلدياتي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف غلطيون ڪيون ۽ ان جو نتيجو ڀوڳيو، هاڻي آئون پاڻ بلدياتي چونڊن جي حوا??ي سان حڪمت عملي جي نگر??ني ڪندس ۽ پي ٽي آءِ مضبوط قوت بڻجندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ بلدياتي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف غلطيون ڪيون ۽ ان جو نتيجو ڀوڳيو، ان جو وڏو سبب غلط اميدوارن جي چونڊ هو. هن چيو ته هو ??اڻي خيبرپختونخوا ۾ بلدياتي چونڊن جي ٻي مرحلي ۽ پوري پاڪستان ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن جي حڪمت عملي جي پاڻ نگر??ني ڪندو. انشاءُ الله تحريڪ انصاف مضبوط ٿي سامهون ايندي.