اسلام آب??د – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي شهر فيصل آب??د ۽ چين جي شهر چنگ دائو جي وچ ۾ سسٽر سٽ?? معاهدو طئي ٿي ويو آهي، ٻنهي ملڪن جي سسٽر سٽيز جي وچ ۾ معاهدي سان صنعتي تعاون، ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ تعاون، بزنس ٽو بزنس تعاون، ڪلچر ۽ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون ٿيندو. جمعي تي ان حوالي سان تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ وڊيو لنڪ جي ذريعي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، پاڪستان ۾ چين جي سفير نون?? رونگ، چين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق، چين جي شهر چنگ دائو جي ميئر زائوهائوزي ۽ فيصل آب??د جو ڪمشنر شريڪ ٿيا. تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان ۾ چين جي سفير نون?? رونگ، چين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق، سسٽر سٽي جو ميئر، ٻنهي ملڪن جي عملدارن کي ان تقريب ۾ شرڪت تي ڀليڪار چئون ٿا. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبو (سي پيڪ) فليگ شپ منصوبو آهي، پاڪستان هر عالمي فو??م تي چين سان گڏ بيٺل آه??، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي سسٽر سٽيز جي وچ ۾ معاهدي سان صنعتي تعاون، ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ تعاون، بزنس ٽو بزنس تعاون، ڪلچر ۽ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون ٿيندو. هن چيو ته منهنجي دعوت تي چين جي اڳوڻي سفير ياهو جنگ فيصل آب??د جي ٻن ڏينهن جي دوري ۾ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون، زرعي يونيورسٽي جو دورو ۽ ٻين سرگرمين ۾ حصو بڻيو جنهن جو مقصد ٻه طرفي تعاون کي يقيني بڻائڻ آهي، انهي دوري جي دوران منهنجي درخواست تي سسٽر سٽ?? معاهدي تي ڪم جو آغاز ٿيو ۽ موجوده چيني سفير نون?? رونگ ان منصوبي کي عمل جامو پارايو، هن چيو ته فيصل آب??د صنعتي شهر آهي جتي بهترين روڊ انفرااسٽرڪچر، زرعي زمين ۽ علامه اقبال اقتصادي زون آهي، فيصل آب??د شهر سان سسٽر سٽ?? معاهدي تي پاڪستان ۽ چين ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير، ميئر ۽ ميونسپلي عملدارن جو ٿورو ادا ڪريون ٿا.