اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن موجب روشن، پرامن ۽ ترقي يافته پاڪستان ئي اسان ج?? مقصد آهي. قائداعظم محمد علي جناح جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته باباءِ قوم جي قيادت ۾ پاڪستان هڪ خودمختيار رياست بڻجي اڀريو جنهن تي قوم قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. چوڌري فواد حسين چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي تعل??م ۽ ان ج?? فرمانن ج?? اهميت موجوده دور جي مس??لن کي آڏو رکندي وڌيڪ اهميت اختيار ڪري وئي آهي. باباءِ قوم جي دور انديشي ۽ سياسي بصيرت قوم جي تقدير بدلائڻ جي لاءِ اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جهڙا رهنما اصول واضح ڪيا هئا ته جيئن سمورن مس??لن ج?? گڏجي مقابلو ڪري سگهجي. چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ اسان ج?? مس??لن ج?? وڏو سبب ان تعليم کان دوري آهي، اسان کي پرامن، ترقي پسند ۽ جمهوري سوچ کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته انشاءَ الله پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪ??مت باباءِ قوم جي ترقي پسند ۽ جمهوري پاڪستان ج?? خواب جي تعبير ڪندي.