نٿيا گلي – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان سمنڊ پار پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپاري ڪن، ان راهه ۾ ايندڙ سموريون رڪاوٽون ختم ڪنداسين، اسان جي حڪومت سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻ ۽ قانون جي بالادستي جي جنگ وڙهي رهي آهي، اسان جي مخالفت ڪرپٽ ماڻهو ڪري رهيا آهن، س??ڙپ??اري ۽ معيشت جي صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي، رڳو سياحت جي فروغ ذريعي پاڪستان پنهنجو ??اهريون قرض لاهي سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نٿيا گلي ۾ عالمي هوٽل جي پيڙهه جو ??ٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي س??ڙپ??اري وارو وفاقي وزير ۽ علائقي جا معززين پڻ موجود هئا. وز??را??ظم چيو ته ڪرڪيٽ ۽ شوڪت خانم جي لاءِ عطيا گڏ ڪرڻ ۽ بعد ۾ سياست ۾ متحرڪ ٿيڻ جي ڪري انهن جو ??اهرئين ملڪ پاڪستانين سان تمام گهڻو رابطو رهيو آهي ۽ هو انهن کي تمام سٺي طرح ڄاڻي ۽ سمجهي ٿو. سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو تمام وڏو اثاثو آهن. بدقسمتي اسان انهن مان صحيح معنيٰ ۾ فائدو نه کڻي سگهياسين ڇو ته اسان جي ملڪ جو ??ظام اهڙو آهي جنهن ۾ حڪومت عوام جي لاءِ نه پر پنهنجي فائدي جي لاءِ سوچي ٿي جڏهن ته حڪومت جو ڪم عوام جو ??ائدو ڏسڻ ۽ انهن جي ضرورت پوري ڪرڻ هجڻ گهرجي. اها اسان جي نظام جي خرابي آهي. وز??را??ظم چيو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي ضرورت دولت ۾ ا ضافو ڪرڻ آهي ڇو ته دولت ۾ اضافي سان نوڪرين جا موقعا وڌندا ۽ ٽيڪس جي ادائگي ۾ اضافو ٿيندو ۽ اسان قرض واپس ڪرڻ جي قابل ٿي سگهنداسين. حڪومت ان سلسلي ۾ قدم کڻي رهي آهي. اسان سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ موقعا پيدا ڪري رهيا آهيون ته جيئن اهي هتي اچي س??ڙپ??اري ڪري سگهن. وز??را??ظم چيو ته 90 لک پاڪستاني ٻاهر آهن، انهن جي سالياني آمدني 22 ڪروڙ ماڻهن جي برابر آهي. سڀ کان وڌيڪ دولتمند ۽ هنرمند پاڪستاني پاڪستان کان ٻاهر آهن ڇو ته سسٽم انهن کي هتي موقعا فراهم نه ڪيا. جڏهن اهي ٻاهر ويا ته اتي وڃي ڪامياب ٿي ويا ڇو ته اتان جو ??ظام بهتر هو. موقعا نه هجڻ جي ڪري ملڪ جو ??يلينٽ ٻاهر هليو ويو. وز??را??ظم چيو ته س??ڙپ??اري جي ذريعي نوجوانن کي روزگار جا موقعا ملندا. ماضي جي حڪومتن روانگي واپار وڌائڻ جي ڪوشش نه ڪئي جڏهن ته ملڪ روانگي واپار سان ئي امير ٿيندو آهي. وز??را??ظم چيو ته سنگاپور جو 300 ارب ڊالر جو روانگي واپار آهي جڏهن ته اسان جو روانگي واپار هن سال 30 ارب ڊالر ٿيڻ جي اميد آهي. اسان تمام گهڻيون شيون برآمد ڪري سگهون ٿا پر ماضي ۾ ان سلسلي ۾ ڪنهن ڪوشش ئي نه ڪئي پر حڪومت هاڻي ان سلسلي ۾ ڪوشش ڪري رهي آهي. وز??را??ظم چيو ته روانگي واپار وڌڻ سان دولت ۾ اضافو ٿيندو ۽ رپيو مضبوط ٿيندو ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ايندي. وز??را??ظم چيو ته حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين کي پاڪستان ۾ س??ڙپ??اري جي لاءِ موقعا فراهم ڪندي. ماضي ۾ انهن جي پلاٽن تي قبضا ٿي ويندا هئا. اهي 15، 15 – 20، 20 سال ٻاهر محنت ڪري هتي اچي پلاٽ وٺندا آهن ته انهن جي پلاٽن تي قبضا ٿي ويندا هئا ۽ اهي هن سسٽم آڏو بيوس ٿي ويندا هئا. اسان ملڪ جي سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻ ۽ قانون جي بالادستي جي جنگ وڙهي رهيا آهيون. جيئن جيئن ملڪ ۾ قانون جي بالادستي قائم ٿيندي ويندي سمنڊ پار پاڪستاني پاڻ هتي اچي س??ڙپ??اري ڪندا ڇو ته انهن ۾ اهو اعتماد هوندو ته انهن جي ملڪيت ۽ پلاٽن تي قبضو نه ٿيندو. وز??را??ظم چيو ته وڏن وڏن ماڻهن ملڪ جي دولت ڦري ٻاهرئين ملڪ محل ٺاهيا، ڪرپٽ ماڻهو گڏجي حڪومت جي مخالفت ڪري رهيا آهن ۽ اهي سسٽم کي ٺيڪ ٿيندي نه ٿا ڏسڻ چاهين ڇو ته انهن هن ڪرپٽ نظام مان فائدو کنيو آهي. اهي پاڪستان بدران پاڻ ٻاهرئين ملڪ وڃي س??ڙپ??اري ڪن ٿا. وز??را??ظم چيو ته حڪومتي قدمن جي ڪري صورتحال بهتر ٿي رهي آهي. اسان بهتري طرف گامزن آهيون. صنعتون هلي پيون آهن، س??ڙپ??اري اچي رهي آهي ۽ معاشي حالتون بهتر ٿي رهيون آهن. وز??را??ظم چيو ته پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ تمام گهڻا موقعا موجود آهن. اسان کي ان سلسلي ۾ اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. خيبرپختونخواهه ۾ اسان جي حڪومت ٺهي ته اسان سياحت جي شعبي ۾ ڪيترائي قدم کنيا جن جي ڪري گڏيل قومن جي اداري جي رپورٽ موجب غربت ۾ تيزي سان گهٽتائي آئي. وز??را??ظم چيو ته دولت ۾ اضافو سياحت جي ذريعي ٿي سگهي ٿو. گليات ۾ فائيو اسٽار هوٽل جي پيڙهه جو ??ٿر رکڻ تمام وڏو قدم آهي. ان سان دولتمند ماڻهو سياحت جي لاءِ ايندا ۽ اسڪئينگ ۽ ريزارٽس کي فروغ ملندو. اسڪئينگ جا جيترا موقعا پاڪستان ۾ ايترا ڪٿي ٻئي هنڌ نه آهن ڇو ته پاڪستان ۾ سردين ۾ جابلو علائقن ۾ دير تائين برف رهي ٿي. وز??را??ظم چيو ته عيد جي موڪلن ۾ خيبرپختونخواهه ۾ 27 لک سياح آيا. اسان سياحتي جاين جي زوننگ ڪنداسين ۽ سياحتي جاين کي ليز تي ڏينداسين. حڪومت سياحت جي شعبي جي ترقي لاءِ زمين سستي اگهن تي ڏيندي ڇو ته سياحت اهڙو شعبو آهي جنهن کي فروغ ڏئي اسان پنهنجو ??اهريون قرض لاهي سگهون ٿا. وز??را??ظم سمنڊ پار پاڪستانين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان اچن ۽ س??ڙپ??اري ڪن. حڪومت انهن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪندي.