ڪراچي – 17 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ پيئ?? جي صاف پاڻي جي معاملن تي گورنر هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ڪيو ويو. گورنر هائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب اجلاس ۾ ڪي فور ۽ ٽي پي فور پراجيڪٽس بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، ايم پي اي حليم عادل شِخ، ايم پي اي فردوس شميم نقوي ۽ حبڪو جي م??هر?? جي 5 رڪني ٽيم اجلاس ۾ شريڪ ٿي، صدر ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو ۽ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳائڻ جهڙا امڪان ڳول?? جي هدايت ڪئي، ان ڏس ۾ پاڻي جي پائيدار حل لاءِ م??هر?? تي ٻڌل هڪ ٽيم به جوڙي وئي جنهن جي رپورٽ ۽ عملي سفارشن تي عملدرآمد جون به هدايتون ڏنيون، هن وڌيڪ چيو ته چونڊيل نمائندا هج?? جي ناطي اسان جي ذميداري آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪريون، م??هر?? جي ٽيم پاڻي جي دستياب وسيلن، جاري منصوبن ۽ مستقبل جي اسڪيمن جي حوالي سان به آگاهي فراهم ڪئي.