اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته چونڊ سڌارا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ ۽ پرڏيهي پاڪ??تا??ين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جو عمل جلد مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت هن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي حوالي ??ان ٿيندڙ بريفنگ دوران ڏني. وزيراعظم کي چونڊ سڌارن جي ڏس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال ۽ قانونسازي جي حوالي ??ان هن وقت تائين ٿيندڙ ا??ڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو چونڊ عمل ۾ استعمال ۾ شفافيت ۽ سڀني آئيني گهرجن کي پورو ڪرڻ جي هدايت ڏيندي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته موجوده حڪومت ملڪ جي چونڊ عمل ۾ شفافيت ي??ين?? بڻائڻ جي حوالي ??ان پرعزم آهي.