فيصل آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته 2018ع جي عام چونڊن جي ??وقعي تي چونڊ مهم دوران عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا پيا وڃن جڏهن ته ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج جي ??يام سميت سستا گهر تعمير ڪيا ويندا ۽ آئيڊياز جي حامل بي وسيلا نوجوانن کي 20 لک تائين ??رمائي جي ??راهمي سميت هر شهري کي صحت ڪارڊ به فراهم ڪيو ويندو ته جيئن هو 10 لک روپين ??ائين پنهنجي بيماري جو علاج ڪرائي سگهي ۽ ان کي پنهنجي ??سند جي اسپتال ۾ پنهنجي ??سند جي ڊاڪٽر کان وسيلا نه هجڻ جي باوجود علاج جي بهترين ??هولت ميسر اچي سگهي. هو سٽي ڪائونسل 86 فيصل آباد جي علائقي چڪ 225 ارب احمد نگر ۾ لکين ??وپين جي ??اڳت سان مڪمل ٿيندڙ اسڪول ۾ اضافي ڪمرن جي تعمير، نئين پارڪ ۽ ڊسپينسري جي افتتاح جي ??وقعي تي خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو.