ڪراچي – 24 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان نوادرات قائداعظم ۾ محققين ۽ تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ تاريخي نوادرات بابت معل??ما?? کي ڊيجيٽل طريقي سان فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ شوڪيسز ۾ مناسب روشني جو انتظام ڪرڻ سميت سياحن جي لاءِ س??ولتون يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هو گورنر هائوس ۾ ايوان نوادرات قائداعظم ۽ نيشنل ميوزيم آف پاڪستان جي رنگ رو??ن ۽ اپ گريڊيشن جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن جي سينيئر عملدارن ۽ قائداعظم جي مزار جي مئنيجمينٽ بورڊ جي عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي.