اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي درپيش توانائي جي چئلينجن کي حل ڪرڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن مينيجمينٽ سسٽم لاڳو ڪرڻ سان تيل ۽ گئس جي ذخيرن مان گهٽ لاڳت ۾ فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته قومي خزاني تي پيل بار کي گهٽ ۽ عوام کي سستي اگهن تي تيل ۽ گئس جي فراهمي به ممڪن ٿي سگهندي. هو هتي ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي دريافت ۽ پيداوار ۾ اضافي جي حوالي سان ا??لاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وفاقي وز??ر عمر ايوب خان، شبلي فراز، خاص مددگار نديم بابر ۽ سنيئر آفيسر به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، وز??راعظم ميڊيا آفيس موجب پيٽروليم واري سيڪريٽري اجلاس کي ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن مينيجمينٽ سسٽم جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.