اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي سالميت ۽ خودمختياري کي يقيني بڻائڻ جي سلسلي ۾ تذويراتي صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسلا ڪتب آندا ويندا، پاڪستان جي جوهري ۽ تذويراتي صلاحيت هڪ مضبوط ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم جي تحت مڪمل ط??ر تي محفوظ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اس??ار??و جي سيٽلائيٽ گرائونڊ اسٽيشن جي دوري جي م??قع?? تي ڪيو. وزيراعظم کي اسپيس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ مقامي صلاحيت جي ترقي ۾ اس??ار??و جي ڪاميابين سان گڏوگڏ قومي سلامتي کي مضبوط بڻائڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ اس??ار??و جي خدمتن ج?? باري ۾ به بريفنگ ڏني وئي.