اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت توانائي خاص طور تي بجلي جي شعبي ۾ سڌارن جي عمل جي جلد تڪميل يقيني بڻائيندي عوام کي سستي ۽ بنا رنڊڪ جي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي. هو هتي عوام کي سستي ۽ بنا رنڊڪ جي بجلي جي فراهمي جي حوالي سان جاري سڌارن جي عمل جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وزير سينيٽر شبلي فراز، منصوبابندي ??ار?? وزير اسد عمر، توانائي ??ار?? وزير عمر ايوب، خا?? مددگار نديم بابر ۽ سينئر آفيسر شريڪ هئا.