اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا زائرين جي سهولت جي فيري سروس شروع ڪرڻ، وفاقي گادي واري شهر لاءِ ڪيپيٽل ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ۽ اسلام آباد جي م??تلف زونز ۾ غير قانوني سوسائيٽيز ۾ ٿيندڙ تعميرات، گئس ۽ بجلي جي ڪنيڪشن تي لاڳو پابندي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽين جي قيام ۽ بهترين ڪارڪردگي تي بيت المال جي ايم ڊي جي ملازمت جي م??ي ۾ توسيع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، نيپرا سالياني رپورٽ ڪابينا کي پيش ڪئي جنهن موجب گهٽ ڪارڪردگي وارن پاور پلانٽس کي بند ڪيو پيو وڃي، ڪابينا تازين برساتن جي نتيجي ۾ ملڪ جي م??تلف حصن ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان خاص طور تي سنڌ ۾ ٿيندڙ تباهڪارين ۽ فصلن کي پهچندڙ نقصانن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي ذميداري سونپي آهي ته صوبائي حڪومتن سان گڏجي ملڪ جي م??تلف حصن ۾ ٿيندڙ نقصانن جو جائزو ورتو وڃي ته جيئن متاثرين کي رليف جي فراهمي جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙي سگهجي، اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس ۾ ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان ۽ ڪراچي ??ي م??ئلن کي مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ جي حوالي سان وفاقي حڪومت جي م??د تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ڪراچي ملڪي م??يشت جي لاءِ انجڻ آف گروٿ جو ڪردار ادا ڪري ٿو، هن چيو ته ڪراچي ??ي ترقي ملڪ جي ترقي آهي، تنهن ڪري وفاقي حڪومت ڪراچي ??ي م??ئلن جي حل جي ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي حوالي سان پرعزم آهي.