ڪراچي – 21 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي سمورن بئنڪن کي معذور ماڻهن جي ڪ??ٽا تي عملدرآمد، کين تربيت ۽ نوڪرين جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. صدر بئنڪن جي سي اي اوز ۽ صدرن سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته معذور ماڻهو گهڻا محنتي هوندا آهن، ادارن کي گهرجي ته هو معذور ماڻهن ۽ عورتن جي حوصلا افزائي ڪ??، حڪومت اهڙن ماڻهن کي اڪليو نٿي ڇڏي سگهي، خصوصي ماڻهو معاشري جو خصوصي حصو هوندا آهن، بئنڪ م??لي ۽ ڀلائي جي پروگرامن جي ذريعي انهن جي مدد ڪن، بئنڪن کي حڪومت طرفان خصوصي ماڻهن لاءِ مختص ڪوٽا تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.