اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سنڌ جي 2 ڏينهن جي دوري تي ڪراچي روانو ٿي ويو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير علي زيدي، نجڪا??ي وارو وفاقي وزير محمد ميان سومرو، وزيراعظم جي سماجي تحفظ واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ وزيراعظم جو اط??اعات ۽ نشريات وارو خاص معاون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه ۽ اين ڊي ايم اي جو ??يئ??مين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل وزيراعظم سان گڏ آهن. دوري دوران وزيراعظم لاڙڪاڻي ۾ احساس سينٽر جو دورو پڻ ڪندو.