اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) پاڪستان لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) جي هُن پار نام نهاد ”لانچ پيڊز“ ۽ ”ٽرننگ“ ڪيمپن جي موجودگي بابت ڀا??تي آرمي چيف جي ڪوڙن تبصرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته ڀا??تي جنرل جي بي بنياد الزامن ۾ ڪا به نئين ??الهه نه آهي ڇو ته اهو پاڪستان جي خلاف پروپيگنڊا جو هڪ حصو آهي جيڪو ڀارت ۾ بي جي پي ۽ آر ايس ايس ڳٺ جوڙ جي ذريعي هلايو پيو وڃي. ڀا??تي حڪومت پنهنجي ويڙهاڪ ۽ توسيع پسنداڻي ايجنڊا ”اکنڊڀارت“ جي گمراهه ڪن تصور تي عمل پيرا آهي، جيڪو علائقائي امن لاءِ سنگين خطرو آهي، ترجمان چيو ته ڀا??تي آرمي چيف هندستان جي رياستي دهشتگردي ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تان عالمي ڌيان هٽائڻ جي هڪ ناڪام ??وشش ڪئي آهي، جيڪا والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بنا روڪ ٽوڪ جي جاري آهي. پاڪستان ڀارت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو فوري طور تي والاريل ڪشمير ۾ پنهنجا ظلم ۽ ستم کي روڪي ، ڪشميرن تي ظلم ۽ ستم کي ترڪ ڪري ۽ کين ??ڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تحت ۽ ان جي ڪيل واعدن موجب حق خوداراديت کي استعمال ڪرڻ جو حق ڏي، ترجمان چيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير سميت سمورا حل طلب تڪرارن جي پرامن حل لاءِ ڀارت سان بامعنيٰ ڳالهين جي لاءِ پرعزم آهيون، تنهن هوندي به اها ذميداري ڀارت تي آهي ته هو ڳالهين جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري.