اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??اڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبون شاندار طريقي سان ??لهائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي 75 هين سالگرهه تي نوجوانن کي پاڪستان جي قيام جو مقصد ۽ علامه اقبال جي پيغام جي اصل تشريح سمجهڻ جي ضرورت آهي. قدرت پاڪستان کي هر قسم جي نعمت سان ??وازيو آهي جنهن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي 2022ع جي تقريبن جي تياري ج?? حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين، ناڻي واري وفاق?? وزير شوڪت فياض ترين، خاص مددگارن ڊاڪٽر شهباز گل، شهزاد نواز ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم عمران خان کي تقريبن جي تيارين ج?? حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڊائمنڊ جوب??ي ج?? حوالي سان ??اڪستان جي تاريخ، ثقافت قومي هيروز، تحريڪ پاڪستان جي مشهور عورتن، مقامي راندين، سياحت، معيشت، گرين پاڪستان ۽ دوست ملڪن سان ??اڳاپن ج?? حوالي سان ڊاڪيومينٽريز ۽ تقريبون منعقد ڪيون وينديون. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبون شاندار طريقي سان ??لهايون وينديون. انهن تقريبن جو مقصد پاڪستان جي ڌار سڃاڻپ، ثقافت ۽ منفرد جاگرافيائي کي اجاگر ڪرڻ آهي، هن چيو ته پاڪستان جي 75 هين سالگرهه تي نوجوانن کي پاڪستان جي قيام جو مقصد ۽ علامه اقبال جي پيغام جي اصل تشريح سمجهائڻ جي ضرورت آهي، قدرت پاڪستان کي هر قسم جي نعمت نوازيو آهي جنهن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي.