ڪابل-21 سيپٽمبر (اي پي پي) افغانستان جي سڌ سماءَ بابت نائب وزير ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته ??فغانستان ۾ استحڪام ۽ امن جي قيام لاءِ وزيراعظم عمران خا?? جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن، موجوده حڪومت کي عبوري تصور ڪيو ويندو، افغان ۾ داعش موجود ناهي. افغانستان جي گاديءَ واري شهر ڪابل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ اڃا ڪابينه جي جوڙجڪ مڪمل نه ٿي آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو، اسان هڪ گڏيل ۽ جامع حڪومت جي جوڙجڪ طرف وڌي رهيا آهيون، جن ۾ عورتن کي پڻ اهم عهدا ملندا، جڏهن ته ملڪ ۾ نياڻين لاءِ جلد اسڪول کوليا ويندا. هن چيو ته ??بوري ڪابينه ۾ مختلف مسلڪن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو. عالمي برادري افغانستان جي حڪومت کي تسليم ڪري جڏهن ته ??فغان حڪومت کي تسليم ڪرڻ کانسواءِ صرف تنقيد ڪرڻ هڪ طرفي سوچ آهي. هن چيو ته قطر، پاڪستان ۽ چين جهڙا ملڪ افغانستان ۾ استحڪام جي ڪوششن لاءِ سرگرم آهن، طالبان چاهين ٿا ته ??فغانستان ۾ ڪابه پرڏيهي مداخلت نه ٿئي، جڏهن ته ??هڪار جي آجيان ڪئي ويندي. هن افغانستان ۾ حڪومت جي حوالي سان پاڪستاني وزيراعظم عمران خا?? جي بيان کي هاڪاري ردِعمل جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان، ق??ر ۽ ٻيا جيڪي به ملڪ افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهن اهي افغانستان ۾ سياسي اڳڀرائيءَ جا حمايت ڪندا رهندا ۽ اسان ق??ر ۽ ٻين ملڪن سان رابطي ۾ آهيون ۽ جيڪي ملڪ افغانستان ۾ استحڪام لاءِ مدد ڪرڻ چاهين ٿا انهن جي آجيان ڪئي ويندي. هن چيو ته ??فغانستان ۾ جلدئي اقتصادي سرگرميون بحال ڪيون وينديون. ذبيح الله مجاهد وڌيڪ چيو ته ??فغانستان ۾ داعش موجود ناهي، جڏهن ته ??هشتگردي ۽ بدامنيءَ جا جيڪي واقعا ٿي رهيا آهن اهي ٽڙيل پکڙيل دهشتگرد ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ??نهن واقعن جي روڪٿام تي پڻ جلد ضابطو آندو ويندو. هن چيو ته ??فغان عوام ۾ داعش خلاف نفرت موجود آهي. ننگرهار ۽ جلال آباد جي دهشتگرديءَ جي تازن واقعن جي مذمت ڪندي ذبيح الله مجاهد چيو ته ??ن سلسلي ۾ ٻن گروپن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ??ورتن جا تحفظات ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت کي ڪجهه وقت گُهربل آهي، عورتن ۽ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان حڪومت پاران قدم کنيا پيا وڃن ۽ نياڻين جا اسڪول جلد کوليا ويندا. ان موقعي تي هن عبوري ڪابينه جي ميمبرن جي نالن ۽ انهن کي ڏنل قلمدانن جو پڻ اعلان ڪيو.