اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ ڪامياب پاڪستان پروگرام جي حوالي سان اجلاس ٿيو. ناڻي واري وزارت پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ تع??يم واري وفاقي وزير شفقت محمود، ڪامياب جوان پروگرام جي سربراهه عثمان ڊار ۽ سماجي تحفظ ۽ غربت جي خات??ي پروگرام واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر کانسواءِ ناڻي واري وزارت ۽ لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن پڻ شر??ت ڪئي. اجلاس دوران حڪومت جي فلاحي منصوب?? ڪامياب پاڪستان پروگرام جي لانچنگ جي تيارين جو جائزو ورتو ويو.