اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته ڪنهن کي اجازت نه ڏينداسين ته ڏيڍ ارب مسلمانن جي دل آزاري ڪري، عمران خان جي مديني جي رياست جي عزم کي اڳتي وڌائينداسين، گڏيل قومن جي فورم تي عمران خان مغرب جي اکين ۾ اکيون وجهي اسلام جو دفاع ڪيو. هو درٻار عاليه عيدگاهه شر??ف ۾ عالمي يا رسول صه ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ڪانفرنس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، وزيراعظم جو خاص مددگار علامه طاهر اشرفي به موجود هئا، ڪانفرنس جي صدارت سجاده نشين ع??دگاهه شر??ف پير نقيب الرحمان ڪئي جڏهن ته صاحبزاده حسان حسيب الرحمان به خطاب ڪيو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اڄ جو اهو ميڙاڪو عاشقان رسول ﷺ جو اجتماع آه??، نبي پاڪ ﷺ جي زندگي اسان جي لاءِ مڪمل حيات جو ضابطو آه??، هتان امن، محبت، احساس، عدل ۽ انصاف ۽ ڀائيچار?? جو پيغام ملي ٿو.