لاهور – 06 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر شاعر مشرق ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي مزار تي حاضري ڏني ۽ گلن ??ي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي، مهمانن ج?? ڪتاب ۾ تاثرات لکيا. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي آمد تي رينجرز جي دستي کيس سلامي پيش ڪئي، ان کانپوءِ اسپيڪر شاهي قلعي جو دورو به ڪيو هن بادشاهي مسجد ۾ نماز ظهر ادا ڪئ??، قومي اسيمبلي ميمبرن ج??يد اڪبر، فيض الله ڪموڪا ۽ سينيٽر ايوب آفريدي به ساڻس گڏ هئ??.