اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته وچ اوڀر جي موجوده بگڙجندڙ صورتحال جو گڏيل قومون فوري نوٽيس وٺي فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ۽ بر??ريت کي روڪرائڻ لاءِ عملي قدم کڻن. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام فلسطين ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته اڄ جمعي ڏينهن پارليامينٽ ميمبرن سان گڏ فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ۽ ظلم بر??ريت جي خلاف احتجاجي مارچ ڪيو ويندو، هن چيو ته احتجاجي مارچ گڏيل قومن جي آفيس تائين ڪيو ويندو جتي گڏيل قومن جي نمائندي کي قومي اسيمبلي ۾ 17 مئي تي متفقه طور تي منظور ٿيندڙ قر??رد??د پيش ڪئي ويندي، قر??رد??د ۾ فلسطين ۾ معصوم ۽ بي گناهه عوام تي اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي، قر??رد??د ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت جو فوري نوٽيس وٺي ۽ جارحيت کي روڪرائڻ لاءِ قدم کڻي.