اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀارتي قيد ۾ لاڏاڻو ??ري ويندڙ حريت اڳواڻ محمد اشرف صحرائي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ صدمي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مرحوم ڪشمير جي خودمختياري جي حق ج?? جدوجهد ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون. صدر پنهنجي تعزيتي بيان ۾ ڪشمير جي آزادي ج?? جدوجهد لاءِ خدمتن تي مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪيو.