اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ سول ڊرون ٽيڪنالاجي جي فروغ، ترقي ۽ ان اهم ??عبي کي ريگيوليٽ ڪر?? جي لاءِ ڊرون اٿارٽي قائم ڪر?? جي منظوري ڏئي ڇڏي، سول ڊرون اٿارٽي وٽ ڊرون ٽيڪنالاجي کي ريگيوليٽ ڪر??، لائيسنس جا??ي ڪر??، امپورٽ ۽ ملڪ ۾ پيداوار جي اجازت ڏيڻ جا اختيار هوندا، اٿارٽي ڊرونز جي مينوفيڪچرنگ، آپريشنز، ٽريننگ ۽ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ جي حوالي سان ذميواريون سرانجام ڏيندي. وزيراعظم ميڊي?? آفيس پاران جا??ي بيان موجب اٿارٽي کي ڏنڊ ۽ سزا، لائيسنسن کي ملتوي ڪر?? ۽ قانوني چاره جوئي جا اختيار پڻ حاصل هوندا. ايوي ايشن ڊويزن جو سيڪريٽري اٿارٽي جو سربراهه هوندو. ٻين ميمبرن ۾ ايئر فورس، سول ايوي ايشن، دفاعي پيداوار، گهرو معاملن ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جا سينيئر ليول آفيسر شامل هوندا. سمورين وفاقي ڌرين بشمول آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان مان به هڪ هڪ نمائندو شامل هوندو. ان کانسواءِ شعبي جا ٽي ماهر پڻ اٿارٽي جو حصو هوندا. اٿارٽي ۾ سمورين ڌرين جي شموليت اٿارٽي جا فرض سرانجام ڏيڻ ۽ ادارن جي وچ ۾ بهترين ڪوآرڊينيشن ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڊرون ٽيڪنالاجي کي ڪمرشل، ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ، ايگريڪلچر ۽ ٻين پرامن مقصدن جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ وقت جي اهم ??رورت آهي. وزيراعظم چيو ته اٿارٽي قائم ڪر?? سان نه رڳو ان حوالي سان موجود خال کي ڀري سگهبو جيڪو ڊرون جي حوالي سان ڪو قانون نه هجڻ جي ڪري موجود آهي پر هي اٿارٽي ڊرون ٽيڪنالاجي جي فروغ ۽ ان جي ملڪ ۾ پيداوار ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندي، ڊرون ٽيڪنالاجي جي موثر استعمال سان وسيلن جو موثر استعمال ۽ سروس ڊيليوري ۾ بهتري ۾ مدد ملندي.