اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) سڄي دنيا وانگر پاڪستان ۾ به مس??حي برادري پنهنجو مذهبي ڪرسمس جو ڏڻ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو، پاڪستان ۾ گرجا گهرن ۽ مس??حي وستين ۾ ڪرسمس جي تقريبن جو آغاز ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ خصوصي دعائن سان ٿيو. صدر، وزيراعظم کانسواءِ اهم شخصيتن مبارڪباد جا پيغام جاري ڪيا، پوري دنيا ۾ ان اهم ڏڻ جون ڪيتريون ئي تقريبون ڪووڊ – 19 جي وبا جي ٻي لهر جي ڪري ڊجيٽل طور تي منعقد ڪيون ويون، تنهن هوندي به ملڪ جي ٻين شهرن وانگر وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ مس??حي برادري اهو ڏڻ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي احتياطي تدبيرن کي اختيار ڪيو ته جئين وائرس کي پکڙجڻ کان روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو وڃي. مس??حي برادري ڪووڊ -19 جي ايس او پيز کي اختيار ڪندي سرڪاري تقريبن کان وٺي ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريبن تائين مختلف سرگرمين جو انعقاد ڪيو، مس??حي عملي ??ي ميمبرن جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ سڄي هفتي کان ئي مختلف ??دا??ن ۾ تقريبن جو سلسلو جاري هو جڏهن ته ايوان صدر، ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي، پاڪستان ريلويز، پرڏيهي وزارت، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ??دا??ن ۽ ٻين ڪيترن ئي کاتن ۾ ڪرسمس جي ڪيٽ ڪٽڻ جون خصوصي تقريبون منعقد ڪيون ويون. سڄي ملڪ جي گرجاگهرن ۾ خصوصي سروسز جو انعقاد ڪيو ويو ۽ مس??حي برادري ملڪ جي امن، ترقي ۽ خوشحالي سان گڏوگڏ وبا کان ڇوٽڪاري ۽ پوري انسانيت جي حفاظت جي لاءِ خصوصي دعائون گهريون.