اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) کي نجڪاري جي فهرست مان ڪڍڻ جي لاءِ نجڪاري ڊويزن کي خط لکي ڇڏيو آهي، پي ٽي وي جي ري اسٽر??چر??گ ڪندڙ ڪمپني جلد پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي، پي ٽي وي جو نئون بورڊ به ايندڙ هفتي جو??يو ويندو. صحافين کي بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم جي ا??ار?? ۾ سڌارن واري پروگرام تحت مختلف ا??ار?? کي نجڪاري جي فهرست ۾ وڌو ويو جڏهن پي ٽي وي جي نجڪاري جي چٺي ملي ته ان جو جواب موڪليو ته پي ٽي وي جي نجڪاري ناهي ڪرڻي ان کي فهرست مان ڪڍيو وڃي.