اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي باصلاحيت نوجوانن جي لاءِ سستي ۽ معياري اعليٰ تعليم جي موقعن جي دستيابي تي زور ڏيندي چيو آهي ته اعليٰ تعليم ئي روادار ۽ ترقي پسند معاشري جو بنياد هوندو آهي. اهڙن خيالن جو اظها?? هن نمل ڪاليج سٽي ج?? پيڙهه جو پٿر ۽ انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ۽ عطين جي حوالي سان بريفنگ جي موق??ي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.