اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظ?? جي سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن (اين ٽي سي) هيڊڪوارٽرز جو د??رو ڪيو، اين ٽي سي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر برگيڊيئر (ر) وقار راشد خان اين ٽي سي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين جي باري ۾ وزيراعظ?? جي خاص مددگار کي آگاهه ڪيو. هتي ??ار?? ڪيل هڪ پريس رليز موجب وزيراعظ?? جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر اين ٽي سي هيڊڪوارٽر ۾ نيشنل ڊيٽاسينٽر جو د??رو ڪيو ۽ اين ٽي سي جي ڪارڪردگي ۽ ڪلاوڊ بيسڊ III، آءِ ايس او 27001 سرٽيفائيڊ نيشنل ڊيٽا سينٽر(اين ڊي سي) جي قيام کي ساراهيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته حڪومت طرفان شروع ڪيل احساس پروگ??ام پوئتي پيل عوا?? جي ترقي جي لاءِ پاڪستان ۾ هيستائين شروع ڪيل سڀ کان وڌو پروگ??ام آهي، هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگ??ام پاڪستان جي مستحق شهرين جي سهولت جي لاءِ متحرڪ ڊجيٽل سوشل ايڪو سسٽم تي تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، ٽيڪنالاجي جي استعمال شفافيت ۽ غربت جي خاتمي لاءِ حڪومت طرفان شروع ڪيل پروگ??ام کي موثر بڻايو آهي.