اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان چيو آهي ته اسلامي تعليم، تاريخ، تمدن ۽ اسلامي معاشرن جي ڳانڍاپي کي اجاگر ڪرڻ ۾ اسان جي ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، ڪورونا رليف فنڊ جي حوالي سان پاڪستانين جو جذبو ساراهه جوڳو آهي، انسانيت جي خدمت جو اهو ئي جذبو اسان جي معاشري جي اصل طاقت ۽ خوبي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽر فيصل جا??يد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ تهذيب ۽ ثقافت ۽ فنون لطيفه جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئ??. ملاقات ۾ خاص طور تي ڪورونا رليف فنڊ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئ??. وزيراعظم ع??ران خان چيو ته اسلامي تعليم، تاريخ، تمدن ۽ اسلامي معاشرن جي ڳانڍاپي کي اجاگر ڪرڻ ۾ اسان جي ميڊيا جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته موجوده دور ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انسانيت جي احترام ۽ احساس تي ٻڌل قدرن کي اجاگر ڪيو وڃي.