ڊيووس – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڏيڍ سال اسان وڏين ??شڪلاتن کي منهن ڏنو، وڏا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيڙيون ساڙڻيون پونديون آهن، اسان جي حڪومت لاءِ وڏو چئلينج ماضي جي حڪومت طرفان ورتل قرضن جو ڍير ۽ گردشي ??رض هو، حڪومتي قدمن سان معيشت بهتر ٿي رهي آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري اچي رهي آهي، غير ملڪي ??يڙ??ڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي، اسان جو رخ درست آهي، پاڪستان لاءِ سٺو وقت شروع ٿيڻ وارو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان بريڪ ??اسٽ ميٽ ۾ اهم ڪاروباري شخص??تن سان ڳالهائيندي ڪيو.