اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ٻاهرئين سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي ملڪ ۾ روزگار جي فراهمي، ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ حڪومت هر قسم جي م??اونت فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن مشروبات ٺاهيندڙ عالمي ڪمپنين جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪوڪا ڪولا پاڪستان ۽ ا??غانستان جي نائب صدر وولڪان اونگچ، سي اي او پيپسي ڪو پاڪستان ۽ ا??غانستان محمد کوسا جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، راڻا تنوير حسين، عبدالعليم خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وفد جي ميمبرن وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. وفد آگاهه ڪيو ته عالمي م??روبات ٺاهيندڙ ڪمپنين جا پاڪستان ۾ 25 جي لڳ ڀڳ ڪارخانا آهن جن ۾ 1 لک 30 هزار ماڻهن کي سڌوسنئون روزگار فراهم ڪيو وڃي ٿو. وفد وزيراعظم کي ڪمپنين پاران ملڪ ۾ ري سائيڪلنگ جي سڀ کان وڏي نظام جي حوالي سان آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻڌايو ويو ته اهي ڪمپنيون ملڪي خزاني کي ٽيڪس جي م?? ۾ هر سال وڏو حصو ادا ڪن ٿيون. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي ملڪ ۾ روزگار جي فراهمي، ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ حڪومت هر قسم جي م??اونت فراهم ڪري رهي آ??ي. ??ها ڳالهه خوش آئنده آهي ته حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. وزيراعظم چيو ته عالمي ڪمپنيون ڪارپوريٽ سوشل ري??پانسبلٽي (CSR) تحت سرگرمين سان پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي عالمي ڪمپينن جي تجويزن تي م??اورت کانپوءِ انهن جي م??ئلن جو حل جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.