اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته قومي سلامتي تي ڪو ٺاهه نٿو ڪري سگهجي، قومي سلامتي جي معاملن کي خطن وانگر عام نه ڪرڻ گهرجي، اٽارني جنرل پنهنجي سمورن تاثرن کي وا??ح ڪري ڇڏيو آهي. قانون وا??ي وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته اٽارني جنرل آف پاڪستان اسٽيٽ جو نمائندو آهي، سندس پاران ان ڪئميره بريفنگ جي پيغام کي حقيقت کان هٽي ڪ??ي ڏٺو ويو، اٽارني جنرل پاران ان ڪئميره بريفنگ جي ريڪوئسٽ قومي سلامتي جي ڪري ڪئي وئي هئي، اسان کي قومي سلامتي کي سمجهڻ گهرجي، اٽارني جنرل پنهنجي سمورن تاثرن کي وا??ح ڪري ڇڏيو آهي، قومي سالامتي تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن چيو ته قومي سلامتي جي معاملن کي اهڙي طرح خطن جي ذريعي سوشل ميڊيا تي اجاگر ??ه ڪرڻ گهرجي، ڪو معاملو ڊسڪس ڪرڻو هجي ته چيف جسٽس فل ڪورٽ گهرائي سگهي ٿو. وفاقي وزير چيو ته ڇڪتاڻ وا??ي ماحول کي گهٽ ڪري سمورن ادارن کي گڏجي هلڻو پوندو.