اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز ?? شرڪت کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دبئي جي المڪتوم عالمي هوائي اڏي تي گڏيل عر?? امارات جي گورنمينٽ ڊيولپمينٽ ۽ فيوچر واري مملڪتي وز??ر ايهود بنت خلفان الرومي، پاڪستان ۾ گڏيل عر?? امارات جي سفير ۽ پاڪستاني سفارتي ??ملي نگران وز??راعظم کي رخصت ڪيو. دوري دوران نگران وز??راعظم گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. نگران وز??راعظم ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ پڻ شرڪت ڪئي ۽ ماحولياتي ??بديلي جي حوالي سان پاڪستان جو قومي بيانيو پيش ڪيو. نگران وز??راعظم گلوبل اسٽاڪ ٽيڪ گول ميز مباحثي ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. ڪوپ – 28 جي موقعي تي نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ سريلنڪا ۽ مالديپ ج?? صدرن، نيدرلينڊز، استونيا، شام جي وز??راعظمن ۽ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي ڪوچيئر بل گيٽس سان ملاقاتون ڪيون. نگران وز??راعظم ڪوپ – 28 پاڪستان پويلين جو دورو پڻ ڪيو، ليونگ انڊس انيشي ايٽو جي حوالي سان تقريب ?? شرڪت ڪئي ۽ زيد سسٽين ايبلٽي پرائز جو ايوارڊ کٽيندڙ پاڪستاني شاگردن سان ملاقات پڻ ڪئي. ڪوپ – 28 دوران نگران وز??راعظم عالمي ميڊيا کي ڏنل انٽرويوز ۾ موسمياتي ??بديلي، ملڪ جي گهرو، پرڏيهي معاملن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پڻ اجاگر ڪيو. نگران وز??راعظم دبئي کان گوادر پهچندو جتي هو چين پاڪستان دوستي ??سپتال ۽ سامونڊي پاڻي کي صاف ڪري استعمال جوڳو بڻائڻ جي پلانٽ جو افتتاح ڪندو.