اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي معياري ۽ سستي معاون ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي عضون جي پاڪستان ۾ تياري جي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ انهن کي معاشري جو فعال ميمبر بڻائڻ جي لاءِ پاليسي سطح سميت عملي قدم کڻڻا پوندا. صدر ??هڙن خيالن جو اظهار چل فائونڊيشن جي چيئرمين فيروز احمد جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر ??ي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي معيشت ۽ معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ پاڪستان جي ترقي جي لاءِ لازمي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته معاون ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي عضون جي ڪري خصوصي ماڻهن جي مخصوص ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي ٿو. وفد صد?? کي منفرد صلاحيتون رکندڙ ماڻهن جي ڀلائي لاءِ چل فائونڊيشن جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. صد?? کي ٻڌايو ويو ته چل فائونڊيشن خصوصي ماڻهن کي مصنوعي عضون سميت معاون ٽيڪنالاجي فراهم ڪري رهي آهي، چل فائونڊيشن خصوصي ماڻهن کي بحالي، ٿيراپي ۽ علاج جون سهولتون پڻ فراهم ڪري ٿي. وفد صد?? کي فائونڊيشن جي مختلف منصوبن، خصوصي ماڻهن جي ضرورتن بابت پڻ ٻڌايو. ان موقعي تي صدر ??صوصي ماڻهن جي ڀلائي، بحالي ۽ سهولت جي لاءِ چل فائونڊيشن جي ڪردا?? کي ساراهيو.