راولپنڊي-06 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فو??سز جي تيراه ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دو??ان 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ جنرل ڪرنل محمد حسن حيدر ??مي?? پاڪ فو?? جا 4 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فو??سز دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي خيبر ضلعي جي علائقي تيراه ۾ انٽيليجنس تي ٻَڌل آپريشن ڪيو. آپريشن دوران ل??فٽيننٽ ڪنرل جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪ فو?? جي جوانن دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي مؤثر انداز سان نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ ڪنرل محمد حسن حيدر عمر 43 سال رهائش اسلام آباد، نائيڪ خوشدل خان عمر 31 سال رهائش ضلع لڪي مروت، نائيڪ رفيق خان عمر 27 سال رهائش ڊسٽرڪٽ چارسده ۽ ل??نس نائيڪ عبدالقادر عمر 33 سال رهائش مري شهيد ٿي ويا. علائقي ۾ ڪنهن به دهشتگرد جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فو?? جي سيڪيورٽي فو??سز دهشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.