اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي جي خصوصي دعوت تي 4 کان 5 آڪٽوبر تائين تبت جي خودمختيار ع??ائ??ي نينگچي ۾ منعقد ٿيندڙ ٽئين عالمي تعاون بابت ٽرانس هماليه فورم ۾ شرڪت جي لاءِ چين جو دورو ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٽرانس هماليه فورم جي شروعات 2018ع ۾ ع??ائ??ائي ملڪن جي وچ ۾ جاگرافيائي رابطي، ماحولياتي تحفظ ۽ ثق??فتي رابطن ??ي وڌائڻ سميت مختلف موضوعن تي عملي تعاون کي گهرو ڪرڻ جي لاءِ ڪئي وئي هئي. فورم جو آخري اجلاس 2019ع ۾ ٿيو هو. هن سال جي فورم جو ٿيم ”ماحوليايت تهذيب ۽ ماحولياتي تحفظ“ آهي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني تبت ۾ پنهنجي قيام دوران ٽرانس هماليه جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندو. هو منگوليا جي نائب وزيراعظم، چين جي پرڏيهي وزير ۽ افغانستان جي عبوري پرڏيهي وزير سميت ڪيترين ئي ع??ائ??ائي شخصيتن سا?? پڻ ملاقاتون ڪندو.