اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ حج انتظامن جي جائزي جي لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪندي وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته حاجين جي لاءِ ٿيندڙ انتظامن تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو وڃي، نجي ڪمپنين جي سخت نگراني ڪري اهو يقيني بڻايو وڃي ته انهن جي ذريعي ويندڙ حاجين کي ڪنهن به قسم جي مشڪلات نه ٿئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب نگران وز??راعظم مذهبي معاملن واري نگران وز??ر انيق احمد ۽ مذهبي معاملن واري سيڪريٽري کي پنهنجي نگراني ۾ حج انتظامن جي اڳواٽ تياري جي هدايت ڪئي. نگران وز??راعظم حج انتظامن جي جائزي جي لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. نگران وز??راعظم مذهبي معاملن واري وزارت کي حج 2023ع جي حوالي سان حاجين جي شڪايتن تي ٺوس رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وز??راعظم مذهبي معاملن واري وزارت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت کي گڏيل حصيداري سان حاجين جي سهولتن ۽ شڪايتن جي داخلا لاءِ موبائيل ايپلي ڪيشن ۽ ويب سائيٽ ٺاهڻ ۽ نجي حج ڪمپنين جي حوالي سان شڪايتن تي رپورٽ پيش ڪرڻ ۽ ان نظام جي لاءِ سڌاراجاتي ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. نگران وز??راعظم چيو ته نجي ڪمپنين جي سخت نگراني ڪري اهو يقيني بڻايو وڃي ته انهن جي ذريعي ويندڙ حاجين کي ڪنهن به قسم جُون مشڪلاتُون پيش نه اچن. نگران وز??راعظم چيو ته حاجين جي لاءِ ٿيندڙ انتظامن تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو وڃي. نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ حج 2024ع جي لاءِ اڳواٽ تيارين جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وز??ر انيق احمد، مذهبي معاملن واري سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نگران وز??راعظم کي حج 2024ع جي تيارين تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وز??راعظم مذهبي معاملن واري نگران وز??ر ۽ مذهبي معاملن واري سيڪريٽري کي سعودي عرب جو دورو ڪرڻ، پاڻ حج 2024ع جي تياري جي نگراني ڪرڻ ۽ تفصيلي رپورٽ جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.