اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪراچي ۾ پاڪ بحريه جي جنگي سامونڊي جهاز ط??رق جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. پي اين ايس طارق ملجم ڪلاس ڪارويٽ جنگي جهاز انهن چئن سامونڊي جهازن مان هڪ آهي جيڪي ترڪيه سان ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي معاهدي تحت ترڪ ?? پاڪستاني انجنيئر گڏجي ٺاهي رهيا آهن. تقريب ۾ ترڪ نائب صدر جودت يلماز به شرڪت ڪندو. وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم سان ڪراچي ۾ ترڪ نائب صدر جي ملاقات پڻ ٿيندي. وزيراعظم ڪراچي چيمبر آف ڪامر?? اينڊ انڊسٽري جي وفد جي نمائندن سان به ملاقات ڪندو.