اسلام آباد – 14 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سمنڊ پار پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته اهي پنهنجي ميزبان ملڪ?? ۾ ??اڪستان جو بهتر تشخص اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ??يان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڊاڪٽر نصر شاهد جي قيادت ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، وفد ملاقات دوران صدر سان مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين جو ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي. سمنڊ پار پاڪستاني باصلاحيت ماڻهو ۽ پاڪستان جي لاءِ فخر جو سبب آهن. صدر چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ کان پري ره?? پرڏيهي ن??ڻي جي صورت ۾ ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ره??ا آهن. صدر چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني پنهنجي ميزبان ملڪ?? ۾ ??اڪستان جو بهتر تشخص اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪن. پاڪستان کي هن و??ت معاشي چئلينجز درپيش آهن، ان جي لاءِ سڀني کي متحد ٿي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني پنهنجي ميزبان ملڪن جي ترقي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ره??ا آهن. صدر چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني پاڪستان جي ترقي لاءِ ڪم ڪن.