اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ??هي ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي تي عملدرآمد جي لاءِ مڪمل طور تي پرعزم ??هي جنهن ۾ تڪر??رن جي حل جو طريقيڪار به شامل آهي. هيگ ۾ قائم عالمي ثا??ثي عدالت پاران پاڪ ڀارت پاڻي تڪر??رن جي ٻڌڻي جي اهليت جي حوالي سا?? ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي ترجمان چيو ته پاڪستان حڪومت عالمي ثا??ثي عدالت جي فيصلي کان آگ??هه آهي، جنهن ۾ ان جي اهليت ۽ ڪشن گنگا ۽ راتلي هائيڊرو اليڪٽرڪ پرجيڪٽس بابت پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪر??رن تي اڳتي وڌڻ جو طريقيڪار، سنڌ طاس معاهدي جي تشريح ۽ لاڳو ڪرڻ جا وسيع تر سوال شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته عدالت اهليت کي برقرار رکيو ??هي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ??هي ته هاڻي اها تڪرار جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ اڳتي وڌندي. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پاڻي جي ورڇ جو بنيادي معاهدو آهي. پاڪستان تڪر??رن جي حل جي طريقيڪار سميت ان معاهدي تي عملدرآمد جي لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي. اسان اميد ڪريون ٿا ته ڀارت به نيڪ نيتي سا?? ان معاهدي تي عملدرآمد ڪندو.