اسلا?? آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني. صدر اردوان وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستان جي عوام کي عيد جي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو پڻ جائزو ورتو. هنن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته اسلا?? آباد ۾ منعقد ٿيندڙ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعا??ن ڪائونسل جو ستون اجلاس قيادت کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو مو??عو فراهم ڪندو. پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا مذهب، ثقافت ۽ تاريخي رشتن ۾ ڳنڍيل آه??. قيادت جي سطح تي باقاعدگي سان رابطو ان اسٽريٽجڪ حصيداري جي نمايان خصوصيت آه??.