اسلام آباد- 16 جون (اي پي پي) عربي ??من?? ۾ پيدا ٿيل انتهائي شديد سامونڊي طوفان بپر جو??ءِ وڌيڪ ڪمزور ٿي ڪيٽگري ون جي سامونڊي طوفان ۾ تبديل ٿي ويو آهي. نيشنل ڊزاسر مينجمينٽ اٿارٽي موجب جمعي تي منجهند جو سامونڊي طوفان ڪيٽي بندر کان 145، ٺٽي کان 169 ۽ ڪراچي کان 230 ڪلو ميٽر ڏور ڏکڻ اوڀر ۾ هو، طوفان جي سطح تي هوا جي رفتار 80 کان 90 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جڏهن ته ان جي مرڪز جي پسگردائي ۾ 110 ڪلو ميٽر ريڪاڊ ڪئي وئي، ??من?? ۾ لهرون 10 کان 12 فٽ هيون. واضع رهي ته پاڪستان جي سامونڊي ڪناري واري پٽي تي امڪاني اثرن جو دارومدار طوفان جي وڌيڪ اڳڀرائي تي آ??ي، لاڳاپيل ادارا ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ ل??ءِ تي??ر آهن، طوفان جا اثر ختم ٿيڻ تائين عوام کي محتاط رهڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي.