اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) مالي سال 24-2023ع جي بجيٽ ۾ 80 سيڪڙو تڪميل وارن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ تي تو??هه ڏني ويندي ته جيئن جون 2024ع تائين ا??هن جي تڪميل ڪري سگهجي. ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار بجيٽ تقرير ڪندي چيو ته سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪرڻ ۽ جديد ترين ا??فراسٽرڪچر جي فراهميءَ لاءِ پي ايس ڊي پي جو 52 سيڪڙو رکيو ويو آهي. هن چيو ته انفراسٽرڪچر جي شعبي ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن لاءِ ڄاڻايل رقم 267 ارب رپيا جيڪو ڪل ڳاڻيٽي جو 28 سيڪڙو آهي. واٽر سيڪٽر لاءِ رکيل رقم 100 ارب رپيا (11 سيڪڙو) آهي. تو??نائي جي شعبي ۾ رکيل رقم 89 ارب رپيا (رکيل رقم جو 9 سيڪڙو)، فزيڪل پلاننگ اينڊ هائوسنگ لاءِ ڄاڻايل رکيل رقم 43 ارب رپيا آهي. هن چيو ته پاڪستان جي مختلف علائقن جي متوازن ترقيءَ لاءِ 108 ارب رپيا تجويز ڪيا ويا آهن، جن مان 57 ارب رپيا ڪي پي ڪي جي ض?? ٿيل ضلعن لاءِ، 32.5 ارب رپيا آزاد ڄمون ڪش??ير ۽ 28.5 ارب رپيا گلگت بلتستان لاءِ رکيا ويا آهن ته جيئن ا??ه?? علائقن جي ترقيءَ کي ملڪ جي ٻي?? علائقن جي ويجهو آڻي سگهجي.