اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ?? سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت پيٽروليم ڊويزن جي 6 جاري اسڪيمن تي 85 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويندا. جاري ٿيندڙ پي ايس ڊي پي 24 – 2023ع موجب بجيٽ ?? نيشنل م??رل ڊيٽا سينٽر جي قيام تي 12 ڪروڙ 30 لک ر??يا?? پاڪستان پيٽروليم ڪور هائوس کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ توسيع تي 42 ڪروڙ 42 لک رپيا وڌيڪ ۽ ڪراچي ليبارٽري ڪمپليڪس جي آءِ ايس او سرٽيفڪيشن ۽ اپ گريڊيشن جي لاءِ 10 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.